آدم ڏر

آدم ڏر: هڪ قديم غار آهي، جيڪا ڌاتو پاھڻي دور سان تعلق رکي ٿي. هي ماڳ رني ڪوٽ جي موھن گيٽ کان اولهه اوتر ۾ اٽڪل ٨ ڪلو ميٽر پري ڏاڦري جابلو سلسلي ۾ آهي. ھيءَ ھڪ قدرتي غار آھي، جنھن جي منھن تي آمريءَ دؤر جو ٺڪراٺو موجود آھي. جيتوڻيڪ ھتان ڪوبه پٿري چاقو ڪونه مليو آهي، پر اتي ئي گوربندي جبل ۾ تاريخ کان اڳ جو ھڪ گبربند مليو آھي. جنهن کي مقامي ماڻهو ’گوربندي‘ چون ٿا. ان گوربنديءَ وٽان پٿر جو چاقو مليو آھي. گوربندي ۽ آدم ڏر جي وچ ۾ ٽن ڪلوميٽرن جو فاصلو آھي. ھي غار ھن وقت ڪنھن به ڪم جي نه آھي، سواءِ ان جي ته اوچتي برسات ۽ اس کان چپر ڇانءَ مھيا ٿئي. ماڳ جي نالي بابت چون ٿا ته هتي آدم نالي هڪ ڏوهاري ماڻهو اچي لڪو هو.


لفظ آدم ڏرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو